مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ۽ حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽ?? پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج ??ان??يئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج ??ان??يئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ ک??نپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽ?? پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عملدار سيڪيورٽ?? پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز