گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ پا??ستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪا??ڙ سميت سڄي دنيا مان تقريبن 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 کان وڌيڪ وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت جي غلط استعمال جهڙن چئلينجن کي اجاگر ڪيو ويو. عالمي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اداره جاتي چئلينجز جي باوجود گڏيل قومون انسانيت کي درپيش چئلينجز جو گڏيل حل تيار ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڏو پليٽ فارم آهي. پا??ستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪا??ڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي 22 سيپٽمبر تي خطاب ڪيو هو، پن??نجي خطاب ۾ هن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل کي پا??ستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو هو ته هو ڄمون ڪشمير بابت پن??نجي قراردادن تي عمل کي يقيني بڻائي. نگران وزيراعظم پن??نجي خطاب ۾ عالمي برادري تي واضح ڪيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي جن ۾ ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ان جي عوام جي ذريعي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪا??ڙ پن??نجي خطاب ۾ ج??رل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي ايجنڊا تي موجود ٻين موضوعن تي پا??ستان جو موقف وضاحت سان پيش ڪيو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس پن??نجي پڄاڻي واري خطاب ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي امن، خوشحالي، ترقي ۽ پائيداري فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي اڻٽر عزم تي روشني وڌي. هن چيو ته هي اڳڀرائي هڪ خوش آئنده آهي ته گڏيل قومن جو ڌيان اسان جي وقت جي گڏيل چئلينجز تي آهي. فرانس جي صدر تڪرارن ۾ ملوث قومن ۽ گروهن وچ ۾ امن ۽ دوستي جي مڪالمي کي آسان بڻائڻ ۾ پن??نجي طرفان مدد جي آڇ ڪئي. گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل امينه محمد چيو ته جيتوڻيڪ اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي پر اهو ئي سبب آهي جنهن لاءِ اسان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهيون. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل اڳواڻن ان موقعي مان فائدو کڻندي 2 هزار کان وڌيڪ ٻطرفين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، 13 هزار کان وڌيڪ ملڪي نمائندن، ميڊيا جي 2600 ميمبرن ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ٻين شرڪت ڪندڙن عام مباحثي ۽ ان سان لاڳاپيل هڪ سئو کان وڌيڪ ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي. ايس ڊي جي ايڪشن ويڪ اينڊ سول سوسائيٽي، ڪاروباري ادارن، نوجوانن، سائنسدانن، مقامي ۽ علائقائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ جامع ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جي ??وا??ي سان گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سميت سڄي دنيا مان 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 وزيرن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری