رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين اٿارٽيءَ اسرائيل جي جارحيت بند ڪرائڻ لاءِ عرب پرڏيهي وزيرن جو غيرمعمولي اجلاس طلب ڪرڻ جي درخو??ست ڪئي آهي. سعودي اخبار مطابق عرب ليگ جي معاون سيڪريٽري جنرل حسام ذڪي چيو آهي، ته جنرل سيڪريٽ??يٽ کي فلسطين طرفان عرب پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي حوالي سان درخو??ست ملي وئي آهي. هن چيو ته عرب ليگ جنرل سيڪريٽ??يٽ مراڪش سميت ڪيترن ئي ملڪن جو جلد اجلاس سڏائڻ جي سلسلي ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. مراڪش هن وقت عرب ليگ سيشن جو سربراهه آهي، ڪوشش آهي ته اجلاس ۾ وڌ کان وڌ عرب پرڏيهي وزير شرڪت ڪن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر