گڏيل قومون _24 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اجتماعي قبرن بابت پريشان ڪندڙ رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن ۾ فلسطينين جا لاش مبينه طورتي ڪپڙن کان آجها مليا ??هن . ۽ انهن جا هٿ ٻڌل ??هن . جنهن سان غزه ۾ جاري اسرائيل جي جارحيت دوران جنگي ڏوهن بابت ??هري ڳڻتي ٿئي ٿي . اه?? ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر ) گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي . رپورٽ مطابق اه?? صورتحال گذريل هفتي جي آخر ۾ مرڪزي غزه جي علائقي خان يونس جي ناصر اسپتال ۽ اتر ۾ الشفا اسپتال ۾ زمين هيٺ دٻيل ۽ ڪچري سان ڍڪيل ڪيترائي لاش ملڻ بعد سامهون آئي . ناصر اسپتال ۾ 283 لاش مليا ??هن جنهن مان 42 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي . گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان روينا شمداساني چيو ته شهيد ٿي ويلن ۾ مبينه طورتي بزرگ ، عورتون ۽ زخمي شامل هئا جڏهن ت?? ٻين ماڻهن جا هٿ ٻ??ل ڪپڙن کان آجها لاش مليا ??هن .
غزه ۾ اجتماعي قبرون اسرائيل جو سنگين جنگي ڏوهه ، ماڻهن جا ڳريل لاش مليا آهن ، گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil