ڪراڪس- 30 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ستن ملڪن مان سفارتڪارن کي واپس گهرائي ورتو. تاس موجب وينزويلا جي پرڏيهي وزير پن??نجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ارجنٽائن، ڊومينيڪن ريپبلڪ، ڪوسٽاريڪا، پاناما، پيرو، يوراگوئي ۽ چلي مان پن??نجن سفارتڪارن کي واپس گهرائي رهيو آهي. انهن وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي ٻيهر چونڊن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪ??و آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي پن??نجي سفارتي مشنز جي سمورن ميمبرن کي هڪ اڻوڻ??دڙ نظريي سبب واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو اسان جي خودمختياري تي حملو آهي. وزارت وينزويلا جي صدارتي چونڊن بابت انهن ملڪن جي بيانن کي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو. وزارت وڌيڪ چيو ته وينزويلا جي حڪومت خودمختياري واري حق جي تحفظ جي ضمانت لاءِ سياسي ۽ قانوني قدم کڻڻ جوحق محفوظ رکي ٿي. وينزويلا حڪومت پر امن بقا لاءِ خطرو بڻج??دڙ ڪنهن به سرگرمي جي مزاحمت ڪندي وينزويلا ۾ 28 جولاءِ تي صدارتي چونڊون ٿيون. نيشنل اليڪٽو??ل ڪائونسل موجب 80 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ سميت مُلڪ جي موجوده صدر مادورو کي 51.2 سيڪڙو ووٽ مليا جڏهن ته سندس اهم مخالف ايڊمنڊوگونزاليز، کاٻي ڌر جي پارٽين جي نمائندگي ڪندي 44.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. اي پي پي/ ا – ٻ / س – و / ج – پ 11:40
وينزويلا ستن ملڪن مان پنهنجن سفارتڪارن کي واپس گهرائي ورتو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی