لاس اينجلس – 13 جنوري(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي ??يلن ۾ لڳل باهه 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجي ??ئي آهي ۽ هوا جي رفتار 112 ڪلو ميٽرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي سبب باهه جو وڌيڪ علائقن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو ??هي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي ??يشنل ويڌر سروس جي ??وسميات جي ??ا??ر روزشوئن فيلڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته انتهائي تيز هوائن سبب حالتون ڊرامائي طور تي خراب ٿيڻ واريون آهن. مقامي اختيارين مطابق لاس اينجلس جي ??يلن ۾ لڳل با??ه وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز، گاڏيون ۽ ٻيا اوزار شهر ۾ پهچي رهيا آهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ 24 ٿي ويو آهي ۽ ٻن وڏن علائقن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو ??هي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے