اسلام آب??د ?? 27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهر?? وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪالهه تائين فيصلو هو ته جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو ايندو چاهي اهو حق ۾ اچي يا مخالف ۾ ان ڏينهن وزارت ۽ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس، پر دوستن جي ملاقات کانپوءِ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، آئون ڪنهن سان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي، آئون ناراض ڇ?? ٿيندس. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته اڄ منهنجي زندگي ۾ مشڪل ترين پريس ڪانفرنس آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن کان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي آئون ڀلا ناراض ڇ?? ٿيندس مون سدائين پنهنجي ذات کي هڪ طرف رکي پنهنجي زندگي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي لاءِ داءُ تي لڳائي آهي آئون 33 سالن کان هر اجلاس ۾ موجود هوندو آهيان اوچتو ڏيڍ مهيني کان سينئر ترين مشاورت ۾ مون کي نه گهرايو ويو ان دوران قومي سلامتي ڪميٽي ۽ ڪابي??ا جا اجلاس ٿيا مون انهن ۾ شرڪت ڪئي.
دوستن سان ملاقات کانپوءِ پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر