اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان سان الحاق ڏهاڙي جي تاريخي موقعي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ پ??غا?? ۾ ڪيو. هي ڏينهن ڪشميرين پاران پاڪستان سان الحاق جي قرارداد جي منظوري جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشميرين جو خودمختياري جو حق عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تحت تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ عوام والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي فاشسٽ ۽ هندو بالادستي تي يقين رکندڙ حڪومت جي غيرقانوني قدم ۽ بي رحماڻي ظلم جي خلاف سينو تاڻي بيٺل آهي. اسان حق ۽ انصاف جي ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ ??هي??ن ۽ انهن کي انصاف ضرور ملندو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس