ٽوڪيو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪامي ڪاوايوڪو فلسطين جي ع??ڪريت پسند گروپ حماس طرفان اسرائيل خلاف حملن بعد سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته تحمل کان ڪم ورتو وڃي. جاپان جي خابرو اداري مطابق جاپان جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ??و حماس ۽ ٻين فلسطيني ع??ڪريت پسندن طرفان غزه پٽي تان اسرائيل تي ڪيل راڪيٽ حملن جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته ان سبب ڪري بيگناهه عام شهرين کي نقصان پهتو آهي. هن اها نشاندهي به ڪئي ته اطلاعن مطابق حماس ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو آهي، انهن جي جلد کان جلد آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. جاپان جي پرڏيهي وزير غزه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ اسرائيل فوج ج?? حملن بعد پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته ??و وڌيڪ نقصان ۽ فوتگين کان بچڻ لاءِ انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪن.
حماس طرفان اسرائيل تي حملي جي معاملي تي تحمل کان ڪم ورتو وڃي: جاپان جي پرڏيهي وزير جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے