واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته آمريڪي عملدار آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر ??هن. ان شخص کي خالصتان جي حامي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پنن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي اهلڪار ڀرتي ڪيو هو. پرڏيهي صحافي جي سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چ??و ته ان معاملي جي آمريڪا ۾ به جاچ ٿي رهي آهي جنهن سبب ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون. هن چ??و ته جڏهن اهو مبينه واقعو اسان جي نوٽيس ۾ آندو و??و ته اسان پنهنجي حڪومت جي اعليٰ ترين سطح تان ڀارتي حڪومت کي اعليٰ سطح تي اهو واضح ڪري ڇڏ??و ته اسان ان طرح جي معاملن ۾ تمام گهڻو سنجيده آهيون. هن چ??و ته ڀارتي حڪومت ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان ان جاچ جي نتيجن جا منتظر ??هيون. ترجمان چ??و ته آمريڪا واضح ڪيو هو ته هو عالمي سطح تي جارحيت تي ٻَڌل قدمن جي مخالفت ڪري ٿو، چاهي اهو ڪٿي به ٿيو هجي يا ڪير به ان کي ڪري رهيو هجي ۽ ان جا اهي ريمارڪس صرف ڀارت نه ائين ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ آهن. آمريڪي عملدارن مطابق ڀارتي سرڪاري ملازم جوابدار کي سک اڳواڻ ب??بت ڄاڻ جنهن ۾ فون نمبر، روزمره جي معمول ۽ گهر جي ايڊريس فراهم ڪئي ۽ ان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.
آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : números dupla sena