ٽوڪيو-9 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي اولھندي شھر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا آهن. شنھوا مطابق ناگاساڪي جي ميئر شيروسوزوڪي سالياني تقريب دوران ايٽمي ھٿيارن جي خاتم?? جو مطالبو ڪندي امن جو اعلان ڪيو آھي. تقريب دوران مقامي وقت مطابق صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ھڪ لمحي جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ڇو جو ھي ??ھو وقت ھو جيڪو 9 آ??سٽ 194 ع تي آمريڪي بي 29- بمبار جھاز پلوٽونيم ڪور ايٽم بم ڪيرايو ھو. جنھن کي فيٽ مين جو نالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 74 ھزار ماڻھو فوت ٿي ويا ھوا. ناساگاڪي جي ميئر شيروسوزوڪي چيو آھي ته اسان ڳالھين ۽ سفارتي ڪوششن تي زور ڀريون ٿا .ھن چيو ته رستو ڪيترو ئي مشڪل ڇو نه ھجي، ھٿيارن جي پکيڙ ۽ طاقت جي زور بجائي ان جو پر امن حل جي طرف رستو ڳولهجي. ھن مطالبو ڪيو ته جاپان جي حڪومت گڏيل قومن جي ايٽمي ھٿيارن تي پابندي جي ??عا??دي تي صحيحيون ڪري ۽ ان جي توثيق ڪري. ھن جاپان کان مطالبو ڪيو ته ھو اتر اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ھٿيارن جي گهٽائڻ واري عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ??الھين جي قيادت ڪري. ناگاساڪي پيس پارڪ ۾ ٿيل تقريب ۾ لڳ ڀڳ 2،300 ڄڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ملڪن جا نمائندا پڻ شامل ھئا.
جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم