دمشق -26 آگسٽ (اي پي پي) شام جي صدر بشار الاسد چيو آهي، ته شام ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سواءِ ب??ال نٿا ٿي سگهن، جيڪ?? انهن جي ڌار ٿيڻ جو سبب بڻيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن نئين عوامي اسيمبلي کي خطاب ۾ چيو ته موجوده عالمي بحران وچ ۾ اسان ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي کي نظ?? ۾ رکندي تجويز ڪيل سمورن قدمن تي جلدي ۽ هاڪار?? انداز ۾ غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي اصل سببن کي نظ?? انداز ڪيو وڃي ته ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ت??رارن جي حل لاءِ ڌرين کي لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي. شام جي صدر چيو ته شام ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندو. هن زور ڀريندي چيو ته سندس ملڪ ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده مشاورت ۾ بنيادي اصولن جي کوٽ آهي جن سان ڌرين کي ڳالهين واري عمل ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن زور ڀريندي چيو ته ان مسئلي تي دمشق لاءِ شام جي سر زمين تان ترڪيه جي واپسي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام بنيادي اهميت رکندڙ آهي.
ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي: شام جو صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری