گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چيو آهي ته مرڪزي غزه ۾ سندس نگر??ني ۾ هلندڙ اسڪولن مان هڪ تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ هن جا 6 ملازم شهيد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو ا??اري اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان اسڪول کي اسرائيل پنجون ڀيرو حملن جو ??شا??و بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو ا??اري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل اسڪول اندر حملن جي منصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي ??شا??و بڻايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صح??فين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪئي آهي جن ۾ عام شهرين کي ??شا??و بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ٺڪاڻن کي به ??شا??و بڻائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ