اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي لاءِ نوجوان نسل اتي جي عوام?? نمائندن جي جوابدهي ڪن ڇو ته وسيلن جي فراهمي هاڻي ڪو مسئلو ناهي رهيو، بلوچستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي ۽ بلوچستان جا نوجوان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خي??لن جو اظهار سينيٽ چيئرمين بلوچستان ??ي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ استادن جي وفد جي اعزاز ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن