گڏيل قومون-26 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش پنهنجي خلاف لڳايل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي سندس خطاب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو جيڪو انتهائي اف??وسناڪ آهي ۽ کيس ??ن سان سخت ڏک پهتو آهي. هن چيو ته هو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته هن فلسطيني عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو ??و پر هن اهو به چيو ??و ته ان کي حماس جي اسرائيل خلاف ڪارروائي ??و جواز قرار نٿو ڏئي ??گهجي. هن چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن جو هي الزام ته هن حماس جي حملي جو جواز پيش ڪيو ??ڪمل طور تي ڪوڙ آهي، هن چيو ??و ته جيتوڻيڪ حماس طرفان 7 آڪٽوبر تي ڪيل حملن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي پر ان حقيقت جو ادراڪ به ضروري آهي ته حماس جا حملا خلا ۾ ناهن ٿيا، فلسطينين کي 56 سال ڏاڍ جو شڪار بڻايو ??يو آهي ۽ حماس جي حملن کي فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز نٿو بڻائي ??گهجي. سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جي جواب ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن ساڻس ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير گيلاداردان ٽوئيٽ ڪيو ته سيڪريٽري جنرل اسرائيل تي حملاس جي حملي جو جواز پيش ڪيو آهي ان کانپوءِ هو ان عهدي تي رهڻ جو اهل ناهي رهيو ۽ کيس ??ست??يف?? ڏيڻ گهرجي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ موجب هن اسرائيلي سفير طرفان است??يف?? ڏيڻ جي مطالبي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس