واشنگٽن – 08 مارچ (اي پي پي) آمريڪا خبردار ڪيو آهي ت?? ايران گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار ڪ??ڻ کان انڪار ڪ??ي ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندو رهندو ۽ ايجنسي طرفان ڪيترن ئي سالن کان گهربل يورينيم جي نشانن جي وضاحت نه ڏيندو ته ان خلاف ٺهراءُ آندو ويندو. العربيا اردو مطابق انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي 35 ملڪي بورڊ آف گورنرز جي ٽه ماهي اجلاس ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کان ايجنسي جي معائنو ڪندڙن سان سهڪار ڪ??ڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪا ڪونسل جي اجلاس ۾ چيو ته اسانکي يقين آهي ته اسان ان هنڌ پهچي ويا آهيون جتي اسانکي ۽ عالمي برادري کي ان بابت سوچڻ گهرجي ت?? ايران کي ڪه??و جواب ڏنو وڃي. اسان ايران جي موجوده طرز عمل کي جاري رکڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. آمريڪا ۽ ان جي ٽن وڏن اتحادين برطانيا، فرانس ۽ جرمني هڪ ڀيرو ٻيهر هلندڙ هفتي ٿيندڙ اجلاس ۾ ايران خلاف ٺهراءُ نه آڻڻ جي چو??ڊ ڪئي، پر آمريڪا چيو ته جيڪڏهن ايران جلدي ضروري سهڪار فراهم نه ڪيو ته هو ڪاروائي ڪندو.
آءِ اي اي اي جي ڪم ۾ رڪاوٽ رهي ته ايران خلاف ٺهراءُ آڻينداسين: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha