واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته يوڪرين آمريڪا طرفان ڳجهي طور تي فراهم ڪيل ڊگهي ??اص??ي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو روس خلاف استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب اهي هٿيار 300 ملين ڊالرن جي ان امدادي پيڪيج جو حصو هئا جنهن جي مارچ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن منظور ڏي هئي ۽ هو هن مهيني ي??ڪرين پهتا هئا. ڪريميا ۾ روسي هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ کيس پهرين ئي گهٽ ۾ گه?? هڪ دفعو استعمال ڪيو ويو آهي. آمريڪا پهرين يوڪرين کي آرمي ٽيڪينيڪل ميزائل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) وچولي ??اص??ي جي ورجن سان فراهم ڪيو هو تنهن هوندي به آمريڪي صدر جوبائيڊن فيبروري ۾ ڳجهي طور تي ڊگهي ??اص??ي تائين مار ڪندڙ م??زائيل نظام کي ي??ڪرين کي فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هي نظام 300 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آئون ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهان ٿو ته صدر جوبائيڊن جي سڌي ريت هدايتن تي ي??ڪرين کي ڊگهي ??اص??ي تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ اي ٽي اي سي ايم ايس سسسٽم فراهم ڪيو. رپورٽ ۾ هڪ آمريڪي اهلڪار موجب ڊگهي ??اص??ي تائين مار ڪندڙ م??زائلن جو استعمال گذريل هفتي پهريون ڀيرو ڪريميا ۾ هڪ روسي هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سامونڊي شهر برڊيانسڪ ۾ روسي فوجين تي حملن ۾ به نون ميزائلن جو استعمال ڪيو ويو.
يوڪرين روس خلاف ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ساخت جي بيليسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪري ڇڏيو آهي: آمريڪي عملدارن جي تصديق
مضمون کا ماخذ : پاور بال