واشنگٽن – 24 جولاءِ (اي پي پي ) اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جمعي ڏينهن آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب ريبپلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو جمعي ڏينهن فلوريڊا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن يا هو سان ملاقات ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اها ملاقات خميس ڏينهن ٿيڻي هئي جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جي درخواست تي ملاقات کي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ??يو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ??ڌيڪ چيو ته آمريڪا جي صدر طور سندس پهرين مدي دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام هيو. هتي جي تاريخي اب??اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون اسان ان امن استحڪام کي ٻيهر حاصل ڪنداسين. ڊونلڊ ٽرمپ ??ڌيڪ چيو ته تازن هفتن ۾ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ۾ واضح ڪيو آهي ته سندس ايجنڊ امن ذريعي طاقت آهي جيڪو دنيا جي سام??ون اهو ظاهر ڪندو ته خوفنا??، ويڙهاڪ ۽ پرتشدد تڪرارن کي ختم ٿيڻ گهرجي ان ۾ لکين ماڻ??ون ماريا پيا وڃن.
اسرائيلي وزيراعظم جمعي تي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔