تل ابيب – 26 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب ۾ ڪيترن ئي فلسطيني شهرين ۽ يهودي اسرائيلين غ??ه ۾ جنگ ۽ تشدد جي سلسلي جي خاتمي لاءِ امن مارچ ڪيو. هنن غ??ه ۾ جنگ بندي ۽ فلسطين -اسرائيل لاڳاپن کي ٻيهر معمول تي ??ڻڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي ت?? مظاهرين جو چوڻ هو ته بنياد پرست امن تحريڪ کان وڌيڪ بلند تر ٿي ويا آهن ان ڪري هاڻي اسانکي جنگ بندي ۽ امن بابت بنياد پرست ٿيڻو پوندو جيڪو اسان چاهيون ٿا. هنن چيو ته اسان وڌيڪ تشدد کي تشدد سان روڪي نٿا سگهون. اسانکي اسرائيل اندر فلسطينين ۽ يهودين ٻنهي لاءِ سٺي زندگي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسانکي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انهن کي به هتي رهڻ جو ايترو ئي حق آهي. هنن چيو ته جنگ جي ڦهلجڻ کانپوءِ هڪ احساس شدت اختيار ڪري رهيو آهي ت?? ??ور??حال کي ايئن نٿو رکي سگهجي، امن ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
فلسطيني ۽ يهودي مظاهرين پاران اسرائيل ۾ غير معمولي امن مارچ، غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد