بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي ملڪ ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لس?? ۾ ??ڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چين ۾ بنان ويزا ??ي داخل ٿي سگهندا. چين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي م??ڻهن سان ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ چين ۾ ويزا بنا داخل ٿي سگهندا. اها پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪن جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير ملڪي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي م??يشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کا?? اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي شهرين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينه?? تائين بنان ويزا جي چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي شهرين کي چين جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪ?? تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن سال جنوري ۾ جو?? تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سياحن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني ملڪ چين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز