اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ جي لاءِ ٺوس سڌارا آڻي رهي آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ فاٽا سڌارن تي ڏنل پ??يز??ٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. ا?? موقعي تي قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جو پرڏ??هي معاملن وارو صلاحڪار سرت??ج عزيز، خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار نصير خان جنجوعه پڻ موجود هئا. صدر چيو ته فاٽا ۾ سڌارا قبائلي عوام جي امنگ?? موجب هجڻ گهرجن. صدر چيو ته قبائلي عوام محب وطن آهي ۽ هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قر??ان??ون ڏنيون آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن