اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف نيو اسلام آباد انٽرنيشنل اي??رپورٽ جو 14 آگسٽ 2017ع تي افتتاح ڪرڻ جو اعلان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون هوائي اڏو پيشيواراڻي مهارت جو شاهڪار هوندو، منصوبي تي عملدرآمد ڪندي سمورن عالم?? معيارن جي پيروي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ ايوي اي??ن معاملن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي بنون ۽ مانسهره سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ هوائي اڏن تي ڪم جي ص??رت??ال ۽ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيو اسلام آباد انٽرنيشنل اي??رپورٽ تي اٽڪل 82 سيڪ??و ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ منصوبي کي مخصوص ڪيل مالياتي وسيلن جي اندر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج