اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مضبوط ۽ گڏيل بنياد تي حصيداري چاهي ٿو ۽ خطي ۽ ان جي اڳتي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ نئين آمريڪي انتظاميه س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن اها ڳالهه آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار لفيٽيننٽ جنرل ايڇ آرميڪ ماسٽر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم افغانستان جي خراب سيڪيورٽي صورتحال تي ??ڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان افغان بحران جي حل جي جائزي جي لاءِ عالمي برادري س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار لفيٽننٽ جنرل آرميڪ ماسٽر جو آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار طور پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي تنهنجي آجيان ڪندي وزيراعظم کيس پنهنجي حڪومت ۽ سندس ڪوششن ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔