لنڊن – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف انشاءَ الله ايندڙ پيشي تي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيندو. پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان گڏ ص??افين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي دوري ۽ اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات ??ي نجي ۽ ذاتي حيثيت ۾ قرار ڏنو ۽ چيو ته هن وزيراعظم جي حيثيت سان حڪومت کان هڪ ڏينه?? جي موڪل ورتي آهي ۽ سومر جي رات پا??ستان واپس وڃي رهيو آهيان.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل