??سل??م آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سان ڪڏهن اهڙي طرح جا لاڳاپا نٿا چاهيون جنهن ۾ پاڪستان جي حيثيت ڀاڙي جي سپاهي جي هجي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ جي جو??ب ۾ ٽوئيٽ ٽوئيٽر جي جنگ نه پر رڪارڊ جي درستگي هئي، پاڪستان ۾ طالبان جون ڪي به ڳجهيون پناهگاهون نه آهن. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ جي جو??ب ۾ سندس ٽوئيٽ ٽوئيٽر جي جنگ ناهي پر رڪارڊ جي درستگي هئي، ٽوئيٽر تي پيغامن جي مٽاسٽا آمريڪا جي طرفان افغان مسئلي جي فوجي حل جي غلط پاليسين لاءِ پاڪستان کي قصوروار بڻائ?? جو جواب هو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر