اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ همدردي ۽ احساس تي ٻ??ل معاشري جي جوڙجڪ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اڄ جو پاڪس??ان هڪ نئون پاڪس??ان آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق جي ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، پاڙيسري ملڪن سان برا??ري جي سطح تي دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، اسان جي امن جي خواهش کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪس??ان پنهنجي دفاع جي لاءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪس??ان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 23 مارچ تي اسان جي ملي تاريخ جو اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن علامه اقبال جي تصور موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪيو.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ