اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگ?? فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگ?? فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم عمران خان ٽائيگ?? فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي ??ئي. وز??راعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوانن ايپليڪيشن جو استعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي ??ئي. وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، ??ڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو ??ڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو ??ڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.
وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil