اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مدين?? جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ اتفاق کي ف??وغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي ص??ر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز مواد جي ڇپائ?? جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونساز?? جي ضرورت آهي، اهڙ?? خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش