اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪو??تن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي قي??تن ۾ گهٽتائي جي حوالي ??ان انتظامي ق??من تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قي??تن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان ??ان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي جي ڪري قي??تن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان ??ان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي ??ان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قي??تن کي هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪو??تن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون حڪومتون آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا