اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي آواز بلند ڪرڻ تي الجزيره ٽي وي جي هفتيوار ??رو??رام ”سباق الاخبار“ (نيوز مقابله) ۾ هفتي جي مشهور شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. سباق الاخبار الجزيره ٽي وي تي عربي ۾ موثر ۽ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار لائيو ??رو??رام آهي جيڪو عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ان ??رو??رام ۾، چينل هفتي جي ٽن کان چئن وڏين خبرن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ناضرين کي ووٽ ڏيڻ جو چيو ويندو آهي ته ڪه??ي نيوز اسٽوري ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيت سندن خيال ۾ بهترين آهي، ان ??رو??رام ۾ خبرن سان گڏوگڏ مهمانن جا انٽرويوز به ورتا ويندا آهن، الجزيره جا ناظرين/ شائقين 24 اپريل 2021ع تي سباق الاخبار ??رو??رام ۾ چئن عالمي شخصيتن لاءِ ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ الجزيره جي ناظرين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ جي لاءِ عالمي آواز بڻجي اڀرڻ تي پسنديده ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. ٻين اڳواڻن جن لاءِ ناضرين پسندي??گي جا ووٽ ڏنا، تنهن ۾ شام ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو جنهن اڌ صدي تائين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي جنهن 3 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي ۽ باغين سان جهڙپن ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪيوبا جو صدر فيڊل ڪاسترو جنهن 6 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي، شامل آهن. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي 56 سيڪڙو ناضرين پسندي??گي جو ووٽ ڏنو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي کي 33 سيڪڙو ۽ شام جي مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو کي 8 سيڪڙو جڏهن ته ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو کي 3 سيڪڙو ووٽ مليا، اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان کي مقبول ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. ??رو??رام جي ميزبان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي سياسي زن??گي تي روشني وجهندي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هڪ عالمي آواز بڻجي اڀريو ۽ اولهه جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به نبي ڪريم ﷺ جي ناموس ۾ گس??اخي جو مرتڪب ٿيو ان کي سزا ڏني وڃي.
وزيراعظم عمران خان الجزيره ٽي وي جي پروگرام جي مشهور شخصيت قرار
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری