گڏي قومون – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان زور ڏنو آهي ته افغانس??ان جي انساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري بين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي ۾ مد?? ڪري ڇو جو مس??بقتي ۽ غير متفقا نظريي سان افغانس??ان ۽ سموري خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحالي جي موقعن کي نقصان پهچندو. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جي مس??قل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ افعانس??ان جي صورتحال تي بحث دوران آئرلينڊ جيڪو سيپٽمبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، جو ٿورو مڃيو جنهن افغانس??ان جي صورتحال تي پاڪس??ان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي شرڪت کي يقيني بڻايو آهي جڏهن ته ان جي ابتڙآگسٽ ۾ ڀارت سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران افغانس??ان تي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ پاڪس??ان جي شرڪت جون درخواستون رد ڪيون هيون. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا، ڇڪتاڻ ۽ ماضي جي حڪومتن جي ناڪامي ۽ ڪرپشن سبب افغانس??ان ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي جتي هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري مدد جي ضرورت آهي ان ڪري اسانکي افعانس??ان جي صورتحال کي وڌيڪ بدترين ٿيڻ کان روڪڻو پوندو جنهن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ کي ڏکيو بڻائي سگهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ افغانس??ان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي سربرا??ه ۽ گڏيل قومن جي خاص نمائندي ڊيبواليونز جي ان مطالبي جي حمايت ڪئي جنهن ۾ هن افغانس??ان لاءِ ان جي مالي وسيلن تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته مالي وسيلن تائين پهچ افغانس??ان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي 13 سيپٽمبر تي جينوا ۾ بين الاقوامي امدادي ڪانفرنس منعق?? ڪرڻ جي قدم جي پڻ ساراهيندي زور ڏنو ته عالمي برادري دل کولي امدا?? ڪري ڇو جو افغانس??ان اڄ پنهنجي تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي ۽ افغان عوام بين الاقوامي برادري جي سهڪار سان امن جي بحالي ۽ ترقي جي امڪانن کي زنده ڪري سگهي ٿو.
بين الاقوامي برادري سنگين انساني صورتحال کان بچڻ، امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ افغانستان جي مدد ڪري، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas quina