اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪ??ي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي هر حصي مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيد اسان جا هيرو آهن ان??ن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار