اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دو?? جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل ??رن??ز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل ??رن??زم خب?? جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل ??رن??زم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چ??و ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چ??و ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موبائيل ??رن??زم جي تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چ??و ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل ??رن??زم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.
صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر