گڏيل قومون -04 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آه??، ته 2022ع ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ??اڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار هئا، گذريل ڏينهن جاري ڪيل سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي بحرانن تي گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آه??، ته 2022ع ۾ عالمي تڪرارن، موسمياتي تبديلي، ڪورونا وائرس جي وبا جي اثرن ۽ يوڪرين تي روس جي حملي سبب 58 ملڪن جي 25 ڪروڙ 80 لک ??اڻهن کي شديد غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آه??، ته صوماليه، افغانستان، برڪينو فاسو، هيٽي، نائيجيريا، ڏکڻ سوڊان ۽ يمن ۾ ما??هو فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن ۽ ان دوران ڪيتريون ئي فوتگيون پڻ ٿيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 25 ڪروڙ 80 لک ??اڻهن کي فوري خوراڪ جي ضرورت ??هي. لڳاتار چوٿين سال انهن ما??هن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين سربراهه تنبيهه جاري ڪئي آه??، ته خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سندس اداري جا وسيلا خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيا آهن.
سڄي دنيا ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری