جنيوا- 06 جولاءِ (اي پي پي) قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ طرفان پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن ??ي هيومن ??ائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو. او آءِ سي طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيومن ??ائيٽس ڪائونسل قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي فوري بحث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آءِ سي طرفان ان حوالي سان بيان جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير خليل هاشمي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هيومن ??ائيٽس ڪائونسل جي 53 هين اجلاس جي صدر سان ڪجهه يورپي ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بار بار بي حرمتي سميت مذهبي نفرت جي عوامي سطح تي ٿيڻ وارن خطرناڪ قدمن ??ي غور ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ فوري بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته هيومن ??ائيٽس ڪائونسل جي موجوده صدر ک?? ان باري ۾ 3 جولاءِ تي هڪ خط موڪليو ويو هو جنهن ۾ فوري بحث جو مقصد بيان ڪيو ويو آهي ته ??سان ان ناپاڪ جسارت تي بامعنيٰ بحث ڇو چاهيون ٿا. هن چيو ته گذريل هفتي عيد جي ڏينهن ۽ هڪ مسجد جي ٻاهران قرآن پاڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ بي حرمتي ڪرڻ هڪ ڌار عمل نه هو، تازن مهينن ۾ اهو ڇهون موقعو هو جيڪو مذهبي نفرت جو واضح، وڌندڙ ۽ مسلسل عمل جي مڪمل عڪاسي ۽ حڪومتي لائسنس تحت نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته ??هي اسلامو فوبڪ ڪارروايون پهرئين ڪيون ويون ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ??نهن ڪاررواين کي اظهار جي راءِ جي آزادي جي حق سان ملائ?? انهن جو مستقل دفاع ڪيو ويو. هن چيو ته ??وام امن لاءِ ڏو?? رس اثرن، انهن جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز نوعيت جي باوجود ان مان ڪنهن به ڪارروائي کي نه ته ??وڪيو ويو ۽ نه ئ?? ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. خليل هاشمي چيو ته ??و آءِ سي گروپ پهرين ۽ بار بار هيومن ??ائيٽس ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، اشتعال انگيزي ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ ج?? انهن ڪاررواين تي پنهنجو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ ان جي موثر روڪٿام لاءِ قدمن ??ي زور ڀريو آهي، هن چيو ته ??هو واضح آهي ته قانوني رڪاوٽ جي عدم موجودگي ۾ اهڙيون ڪارروايون جاري آهن. اسان ان حقيقت جي آجيان ڪريون ٿا ته ??ن تازي ترين اشتعال انگيز عمل جي مذمت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به ان رجحان کي منظم ۽ بار بار جاري نوعيت کي ڏسندي هاڻي صرف لفظ ڪافي ناهن. او آءِ سي گروپ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو ته ??نساني حقن جي ڪائونسل طرفان تيار ڪيل موجوده اصولي فريم ورڪ سان اهي نتيجا نه نڪري رهيا آهن جن جي اميد هئي، هن چيو ته قومي سطح تي موثر قانوني ۽ پاليسي قدمن ??ي عدم موجودگ?? انهن ڪاررواين جي روڪٿام ۽ قانوني ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن جنهن کي اربين ماڻهن لاءِ نفرت جوڳو سمجهيو ويندو آهي.
قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ پاران پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن ۽ هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا