گڏيل قومون-08 ڊسمبر (اي پي پي)اسرائيل فلسطين تڪرار، گڏيل عرب امارتن جي ٺهراءَ تي سلامتي ڪونسل ۾ ووٽنگ(ڪالهه) جمعي تي ٿي،ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن ۾ ايڪواڊور جي مستقل مشن چيو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال تي گڏيل عرب امارتن جي ٺهراءَ تي ووٽنگ(ڪالهه) جمعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي کليل اجلاس کا??پوءِ فوري طور تي ڪئي وئي، ايڪواڊور جيڪو هلندڙ مهيني لاءِ سلامتي ڪونسل جو صدر آهي جي مشن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل عرب امارتن هلندڙ هف??ي جي شروعات ۾ سلامتي ڪونسل جي ميمبر ملڪن جي نمائندن کي ان ٺهراءَ جو مسودو فراهم ڪيو هو، ان ٺهراءَ ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ س??ورين ڌرين تي زور ڀريو ويو آهي ته اهي عال??ي انساني قانون هيٺ پنهنجي واعدن جو احترام ڪن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ