بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم تي اچڻ لاءِ دل نٿو چوي ته اهي ??ال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح ر??ي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آ??ي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي ??ڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، اها انساني فطرت آهي. هن چيو ته جڏهن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪمپني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ملازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان کان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪمپني جا ا??ٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار