تل ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائ??ل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي ??هصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائ??ل جي ڪابينه ميمبرن ??ي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائ??ل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائش تي ڪيل ڊرون حملن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حملو ڪري سگهجي ٿو. اسرائ??ل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ايران تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي رهائش تي ڊرون حملي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊرون حملي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي هڪ ٻيو حملي جو امڪان آهي. ان کان اڳ اسرائيلي هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف تي فضائي ??ملا ڪيا هئا جن ۾ ميزائل سازي جي سهولتن ۽ فضائي ??فاعي بيٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي ??ڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. واضح رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله ??ذريل هفتي اسرائ??ل جي سامونڊي ڪناري واري شهر قيصريه ۾ اسرائ??ل جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائيل ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم ڊرون حملي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی