اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ چيو آه?? ته گذريل مالي سال دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام م??ن 53 لک خاندانن فائدو کنيو. ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چ??و ته عورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پروگرام جي بجيٽ کي 102 ارب مان وڌائي 115 ارب رپيا ڪيو ويو آه??. ماروي ميمڻ چيو ته بي آءِ ايس پي وسيلا پروگرام تحت 32 ضلعن جي 13 لک مستحق ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ انهن کي ماهوار اڍائي سئو رپيا ڏنا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ