اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس بنياد ??مو??ر ڪري رهيا آهن، ان سان ڊگهي مدي واري ٻه طرفا رابطا وڌائ?? لاءِ مضبوط بنياد فراهم ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو تسلسل برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا ??مو??ر ڪرڻ جي پاليسي جي پيروي ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ سنگين صورتحال سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائ?? لاءِ هروڀرو لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو. هن اها ڳالهه وز??راعظم هائوس ۾ بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران چئي. بيلاروس جو صدر پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وفد جي آجيان ڪندي وز??راعظم چيو ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرجوش، خوشگوار ۽ مضبوط رابطا ??مو??ر آهن.
پاڪستان ۽ بيلاروس سيڙپڪاري لاءِ ٺوس بنياد قائم ڪن پيا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس