ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گيٽس عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير ??ري?? اورنگزيب، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي پروگرام ??ي لاءِ مدد کي ساراهيندي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ حص??داري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری