اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ماضي شاندار هو ۽ مستقبل روشن هوندو ۽ نئين راهن طرف وڌندو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي بي مثال استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، سعودي عرب اربين ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان آڻي ??هي?? آهي جيڪا گذريل 10 سالن کان به وڌيڪ آهي، دوري دوران ٿيندڙ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جي سربراهي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان ڪندا، اسلام آباد ۾ ”عرب نيوز“ جو آغاز خوش آئنده آهي جنهن سان پاڪستاني پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين کي به روزگار جا موقعا ميسر ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد ۾ عرب نيوز جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ماضي شاندار هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ