اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال ??ردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته گوادر پورٽ تي ??قتصادي سرگرميون زور ش??ر سان جاري آهن. مال ??ردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ٽرڪن ذريعي چمن رستي ??فغانستان موڪليو ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مقامي سطح تي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ تحت منصوبا روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں