اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور عمر زقوف ملا??ات ڪئي، ملا??ات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي ??عاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملا??ات ۾ موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملا??ات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste