اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي گلگت بلتستان پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کي وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ پاران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب سنڌ پوليس جي 78 جڏهن ته گلگت بلتستان پوليس جي 20 ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جو مناسب ازالو نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ پاران 25 پوليس آفيسرن کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. آءِ جي گلگت بلتستان پاران هڪ ڊي آءِ جي ۽ ٻن ايس پيز کان و??اح?? طلب ڪئي وئي آ??ي. ??يس ايس پي ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گهو??ڪي?? ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايس پي سانگهڙ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا. ايس پي شڪارپور، قمبر، انويسٽيگيشن ايسٽ ون ۽ ايس پي صدر کي آءِ جي سنڌ پاران شاباش ڏني وئي ۽ آءِ جي بلتستان پاران ڊي آءِ جي پوليس بلتستان ر??نج، ايس پي هنزه، ايس پي اسڪردو کان و??اح?? طلب ڪئي وئي آ??ي. ??ن کانسواءِ ڊي آءِ جي گلگت رينج، ايس ايس پي گلگت، ايس ايس پي استور کي ڪارڪردگي جي بنياد تي شاباش ڏني وئي آهي.
آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي گلگت بلتستان پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ کي پيش
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت