ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ?? شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نئين نسل خير جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنواني جي خلاف اٿي، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، ٻار پنهنجي ۽ ماح??ل جي صفائي جو خاص خيال رکن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسڪائوٽس سنڌ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي چيف ڪمشنر سرفراز قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي ڪمشنر اسڪائوٽ سيد ممتاز علي شاهه، سڄي ملڪ مان مختلف اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي نمائندن، اسڪائوٽس ۽ خصوصي اسڪائوٽس شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسڪائوٽس هڪ تربيتي تحريڪ آهي جيڪا تنظيم، نظم ۽ نسق ۽ خدمت جي تربيت فراهم ڪندي آهي. هن ان موقعي تي اسڪائوٽس ۾ پنهنجي شموليت ۽ ان تحريڪ سان جڙيل پنهنجي يادن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو، صدر ٻارن کي صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماح??ل جي اهميت کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻارن کي پنهنجي ۽ ماح??ل جي صفائي جي نصيحت ڪندي چيو ته ماحول کي صاف رکڻ لاءِ وڻن جي تمام گهڻي اهميت آهي. وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. ٻارن کي پاڻ به ٻوٽا لڳائڻ گهرجن ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کي به ٻوٽا لڳائڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.
معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز