اسلام ??با?? – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پو??يو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائي رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ضلعا (لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل ??با??)، سنڌ جا 8 ضلعا (ڪراچي ڊويزن جا سمورا ضلعا ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ضلعا (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ وزيرستان)، بلوچستان جا پنج ضلعا (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبد??لل??، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلام ??با?? شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??لل?? جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پو??يو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جيڪي گذريل سال 56 سيڪڙو هئا، ان لاءِ في الحال اسان وٽ ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، وزيراعظم سمورن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ه??اي?? ڪئي ته هو ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پو??يو جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ ورچوئل اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری