ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي سرگرمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??اڪ??ر عارف علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عم??ان گچڪي به موجود هئا، ص??ر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي ق??ار ڏنو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي جو چوڻ هو ته راندين جي سرگرمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.
راندين جي سرگرمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری