ڪابل-21 س??پٽمبر (اي پي پي) افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آه?? ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خ??ن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آه??، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آه?? ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آه??ون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪ??ي جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آه??. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آه??، طالبان چاهين ٿا ته افغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغانستان ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خ??ن جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آه?? اهي افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آه??ون ۽ جيڪي ملڪ افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آه?? اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آه??، جڏهن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آه??. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آه??. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آه??، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت ??اران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.
افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي: افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر