اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سان رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض ??لله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. م??اق??ت ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن ??ابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هد??يت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria